SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Das Kapital

(click word to listen sound
  • 🔊
  • das
  • kapital
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Das Kapital

داس ڪئپيٽال

داس ڪئپيٽال

ڪميونسٽ نظريي جو شاهڪار سمجهيو ويندڙ سياسي معيشت جو تجزياتي هيءُ ڪتاب، جديد ڪميونزم جي باني جرمن مفڪر ڪارل مارڪس لکيو. اِن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو 1867ع ۾ شايع ٿيو. جنهن منجهه پونجي واد سرشتي جو ڇيد ڪندي ڪارل مارڪس اڳڪٿي ڪئي ته پرمار ۽ پورهيتن منجهه وڌندڙ ويڳاڻائپ سبب پنهنجي معاشي بحرانن جو شڪار بڻجي، موڙي وند سرشتو ختم ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ دنيا ۾ پورهيت (پرولتاري) طبقي جي حڪومت قائم ٿيندي. اِن ڪتاب ۾ مارڪس جو چوڻ هو، ته دُنيا ۾ موڙي وند سرشتي جي جاءِ تي سامواد سرشتي جو برپا ٿيڻ اڻٽر آهي. ’داس ڪئپيٽال‘ کي ڪميونزم جو انجيل سمجهو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ موڙي- وند معيشت جي باريڪ ترين پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، انساني سماج ۾ معاشي سرگرمين کي سماجي ۽ سياسي تبديلين جي محرڪ طور بيان ڪيو ويو آهي. اِن ڪتاب سائنسي انداز ۾ سماجي قدرن جو جائزو وٺندي ثابت ڪيو، ته موڙي ئي مڙني سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ اها ئي انساني سماج ۾ تبديلين، ترقي ۽ تنزليءَ جا بنياد طئي ڪري ٿي


Remember Me Also:

سيول

ث. پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ٻوٽي جو قسم. سِول Civil ، سول ڪورٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal